شھدادڪوٽ: ( سٽي رپورٽر ) شهدادڪوٽ پوليس شاگرد کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي
اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مسڻ محلا مان 2 ڏينھن اڳ ٽئين ڪلاس جي شاگرد محمد عمر گولو اغوا ٿي ويو هو جنهن جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو
پوليس تي ايس ايڇ او جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي ڪري شاگرد کي بازياب ڪرائي ورتو پر جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو
پوليس جو چوڻ آهي ته شاگرد جي اغوا ۾ ملوث جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو