شهدادڪوٽ مال پڙي ٺيڪي تان ميونسپل انتظاميا ۽ ٺيڪيدار ۾ ڇڪتاڻ: ملازم زخمي: ڌرڻو 

شهدادڪوٽ مال پڙي ٺيڪي تان ميونسپل انتظاميا ۽ ٺيڪيدار ۾ ڇڪتاڻ: ملازم زخمي: ڌرڻو 

شهدادڪوٽ (رپورٽر) شهدادڪوٽ ۾ تعلقي ميونسپل ڪاميٽي جي مال پڙي تي اوڳاڙي ڪرڻ واري معاملي تان ميونسپل ملازم غلام مصطفيٰ بروهي کي ڏنڊا ۽ لٺيون هڻي زخمي ڪيو ويو، واقعي بعد ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن ۽ شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن پاران ڪوٽو موٽو چوڪ تي شاميانا لڳائي ڌرڻو هنيو، زخمي ملازم غلام مصطفيٰ بروهي رياض ڳنواس چيو ته آئون ميونسپل ڪاميٽي جا ساليانا ٺيڪا مال پڙي. ريزڪي پڙي. مڇي مارڪيٽ گاه پڙي سميت ٻين ٺيڪن جي نيلامي جي تاريخ 30 جون تي ختم ٿي وڃڻ بعد ڊپارٽمينٽ ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا طرفان پنهنجا ملازم مال پڙي تي رڪوري لاء موڪليا ته مال پڙي تان اوڳاڙي ڪرڻ واري معاملي تي مال پڙي جي اڳوڻي ٺيڪيدار 50 کان مٿي ڏنڊا بردار ماڻھن پاران حملو ڪيو ويو.
 

ٺيڪن جي نيلامي جي تاريخ جو اعلان جلد ڪنداسين: ميونسپل چيئرمين

شھدادڪوٽ: مال پڙي جو ٺيڪو نه ملڻ تان اڳوڻي ٺيڪيدار مير حسن مگسي ۽ ميونسپل ڪاميٽي انتظاميه وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار، ان حوالي سان تعلقي ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين يار محمد سومرو ٽائيم نيوز سان ڳالھيندي چيو آهي ته محرم الحرام سبب ٺيڪن جي نيلامي مقرر ٿيل تاريخ ته نه ٿي سگھيا ۽ مان ڪراچي ويل هيس هاڻي ٺيڪن جي نيلامي جو نئين تاريخ جو اعلان ڪجھه ڏينھن بعد ۾ اخبارن ۾ ٽينڊر اشتهار ڏيڻ بعد ٻيهر ڪيا ويندا. اڳوڻي ٺيڪيدار ميرحسن مگسي جي ٺيڪي جو مدو 30 جون تي ختم ٿي ويو هيو. هاڻي مال پڙي جي اوڳاڙي ۽ رڪوري ميونسپل ڪاميٽي جا ملازم ڪندا. اڄ به مال پڙي جي اوڳاڙي لاء ميونسپل ڪاميٽي جا رڪوري ڪلارڪ اوڳاڙي لاء مال پڙي تي پهتا ته اڳوڻي ٺيڪيدار ميرحسن مگسي پنهنجي ڏنڊا بردار ماڻھن سان ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن مٿان حملو ڪرايو،
 

مال پڙي تي اوڳاڙي لاءِ موجود هئاسين ته جھيڙو ٿيو: ميرحسن مگسي

شهدادڪوٽ: مال پڙي جي اڳوڻي ٺيڪيدار مير حسن مگسي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته مان ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن تي ڪو به حملو نه ڪرايو آهي،  مون مٿان ميونسپل ڪاميٽي جي ملازم غلام مصطفيٰ بروهي کي حملي ۾ زخمي ڪرڻ جا الزام غلط من گهڙت ۽ بي بنياد آهن، هن چيو ته اسان کي ميونسپل ڪاميٽي جي سي ايم او پاڻ چيو هيو ته توهان جا ماڻھو مال پڙي جي اوڳاڙي ۽ رڪوري ۾ اسان جي مدد ڪري اوڳاڙي ڪري ميونسپل ڪاميٽي جي آفيسر وٽ جمع ڪرايو، اسان اوڳاڙي لاءِ مال پڙي تي موجود هئاسين ته جهيڙو ٿي پيو، وڌيڪ ڪا به خبر نه آهي.
 

تشدد ۽ حملي جو اڳوڻي ٺيڪيدار سميت 15 ڄڻن خلاف ڪيس داخل
 

شهدادڪوٽ: اي سيڪشن ٿاڻي تي زخمي ٿيل ميونسپل ملازم غلام مصطفيٰ بروهي جي فرياد تي اڳوڻي ٺيڪيدار مير حسن مگسي سميت 15 جوابدارن مٿان واقعي جوڪيس داخل ڪيو ويو آهي.