شهدادڪوٽ ويجهو مبينا مقابلو ، ڏوهاري گرفتار
جُون 22, 2025
شهداد ڪوٽ ) پنهنجي ڊيسڪ ) شهداد ڪوٽ پوليس پاران هڪ جوابدار کي مقابلي بعد زخمي حالت ۾ گرفتارڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس جي رپورٽ مطابق دانگي شاخ ڀرسان ڏوهارين جي موجودگي واري اطلاع تي پوليس پهچڻ دوران مقابلو ٿي پيو ، پوليس موجب فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ عبدالوحيد جانوري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو ، پوليس موجب مقابلي دوران زخمي ڏوهاري جا 4 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا،جڏهن ته زخمي جوابدار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.