| شهدادڪوٽ ويجھو ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان قتل: فائرنگ ۾ ناري زخمي |
شهدادڪوٽ(رپورٽ: ايم اسحاق بوزدار) شهدادڪوٽ ڀرسان امام بخش ٿاڻي جي حد ڳوٺ وريل بروهي ۾ جوابدار ڪارنهن الزام هڻي 19 سالن جي نوجوان واجد علي ولد عيسيٰ بروهي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. جڏھن ته جوابدار گهر اچي پنهنجي نوجوان 18 سالن جي ڀيڻ شاهدان بروهي کي به ٽي ٽي پسٽل جا فائر ڪري زخمي ڪيو، پوليس موجب جوابدار اصغر بروهي پنهنجي ڀيڻ کي پاڙيسري ويجهي مائٽ نوجوان واجد علي بروهي سان ڪارنهن الزام هڻي نوجوان کي ٽي ٽي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو، بعد ۾ جوابدار پنهنجي ڀيڻ کي زخمي ڪيو آهي.