شهدادڪوٽ پوليس ٽن ڳوٺاڻاکنڀي وئي، احتجاجي مظاهرو

جُون 11, 2023

شھدادڪوٽ (سٽي رپورٽر)شهدادڪوٽ پوليس ٽن نوجوانن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ مريد کوسو جي رھواسين  ڪريم بخش کوسو، محمد عمر کوسو، بخت علي کوسو، نور احمد کوسو، نوجوان جي امڙ حسنا خاتون بي سيڪشن پوليس خلاف دانهيندي ٻڌايو ته سپاھي الطاف لاشاري اسان جي مٿان ڦر جو الزام هڻي گهرن تي چڙهائي ڪرائي آهي.

گرفتار نوجوان جو پيءُ ڪريم بخش پٽ جي گرفتاري خلاف پنهنجي لڙڪن کي روڪي نه سگهيو ۽ روئيندو رھيو.

 هن چيو ته مان ھاري آھيان پٽ ننڍي عمر جو آهي جنهن مٿان سخت تشدد ڪيو ويو آهي.

احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان گهر ڪئي ته نوجوانن کي آزاد ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

Leave A Comment