شهداد ڪوٽ (رپورٽر) شهدادڪوٽ ۾ بدامني خلاف شهرين ٻئي ڏينهن به احتجاج جو سلسلو جاري رکيو، شهرين طرفان علامتي بک هڙتال ڪئي وئي
سياسي سماجي ڌرين طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ وٽ بک هڙتال ڪئي وئي ان موقعي تي سياسي سماجي اتحاد جي صدر وزير علي کوسو شيعااڳواڻ سيد حسن علي شاهه، حاجي خان ڀٽو، ايس يو پي اڳواڻ آصف مگسي، يير بخش ڀٽي، ايس ٽي پي اڳواڻ امداد سومرو، شاهد مستوئي، سرور شاھ نقوي، عبدالوھاب پندراڻي سردار مگسي، قاسم سومرو، احمد نواز بروھي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس شهر ۾ امن قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام بڻيل آهي
هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته شهر ۾ امن قائم ڪرائي ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي