شهدادڪوٽ ۾ بدامني خلاف شهري رستن تي نڪري آيا: ڌرڻو ۽ بک هڙتال
مَي 10, 2023
شھدادڪوٽ (سٽي رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ بدامني خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي ڌرڻو هنيو ويو، شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف امداد سومرو, فاروق سومرو, ذاھد مگسي, اسامہ ڪمبو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو جنهن م شهر جي سياسي، سماجي توڙي واپاري اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۾ ڏوهه عمول بڻيل آهن جنهن سبب شهري پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهي رهيا آهن پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي احتجاج ڪندڙن شهر ۾ امن قائم ڪرائڻ جي گهر ڪئي.