شهدادڪوٽ ۾ بدامني خلاف شهري نڪري آيا، ڌرڻو، روڊ بلاڪ

شهدادڪوٽ ۾ بدامني خلاف شهري نڪري آيا، ڌرڻو، روڊ بلاڪ

شهدادڪوٽ(رپورٽر) شهدادڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ وڌندڙ بدامني خلاف قبوسعيد خان جي رهواسين پاران گل حسن مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بانڙي جي وانڍ ڀرسان ايم 8 موٽروي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن گل حسن مگسي، عبدالوهاب مگسي، خالد مگسي، اعجاز کوسو ۽ ٻين چيو ته ڦرلٽ جون وارداتون وڌي ويون آهن، پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري علائقي ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃي.