شهدادڪوٽ ۾ بدامني چوٽ چڙهيل، واپاري کان اڍائي لک رپيا ڦر

مَي 19, 2023

شھدادڪوٽ ( رپورٽر ) شهدادڪوٽ ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو، هٿياربند واپاري کان لکين رپيا ڦر ڪري ويا

اي سيڪشن ٿاڻي جي حد خضدار چونڪ ڀرسان واپاري عبدالرحمان شيخ کان ھٿياربند اڍائي لک رپيا روڪ ۽ 15 لکن جا چيڪ ڦر ڪري فرار ٿي ويا

واپاري عبدالرحمان شيخ ميڊيا کي ٻڌايو موٽرسائيڪل سوار ٽن ھٿياربندن دڪان تي اچي ھٿيارن جي زور تي مون کان اڍائي لک روپيا روڪ رقم ۽ 15 لکن جا چيڪ ڦر ڪيا

واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي واپاري کان ڦر بابت تفصيل ورتا

لاڳاپيل پوسٽون

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار

  • وڳڻ ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي