شهدادڪوٽ (رپورٽر) شهداد ڪوٽ شهر ۾ بدامني ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ خلاف سياسي سماجي اتحاد جي سڏ تي شھرين پاران ھٿن ۾ بينر پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چونڪ پھچي علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي
ان موقعي تي اڳواڻن حاجي خان ڀٽو وزير علي کوسو ذوالفقار علي سيلرو پير بخش ڀٽي لياقت جوڻيجو سميت ٻين ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته جڏهن کان اي سيڪشن ٿاڻي تي طفيل احمداڻي ايس ايڇ او مقرر ٿيو آهي انهن ڏينهن کان وٺي شھر ۾ ڏوهه وڌي ويا آهن
اڳواڻڻ ايس ايڇ او طفيل احمداڻي تي الزام هنيو ته هو ڏوهارين جو ساٿاري آهي جنهن سبب شهر ۾ امن جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي
احتجاج ڪندڙن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او طفيل احمداڻي کي فوري طور هٽائي شهر ۾ امن قائم ڪرايو وڃي