شهدادڪوٽ ۾ خوني تڪرار جو جرڳو: 4 قتل ثابت:2 ڪروڙ 13 لک ڏنڊ
مَي 17, 2025
شھدادڪوٽ(رپورٽ: ايم اسحاق بوزدار) شھدادڪوٽ ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين بالاچ خان جياڻي کوسو ۽ درمحمد خان ميواڻي کوسو وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ پ ايم پي اي نادر خان مگسي جي سرپئنچي هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 4 خون ۽ هڪ زخمي جي چٽي 2 ڪروڙ 13 لک وڌي وئي، کوسا برادري جي خوني تڪرار ۾ جياڻي ڌر جا 2 قتل ۽ هڪ زخمي ٿيو هو ۽ ميواڻي در جا به 2 ڄڻا راشد حسين کوسو ۽ حسين بخش کوسو کي قتل ڪيو ويو هو، فيصلي ۾ ٻنهي ڌرين جي مشيرن مير احمد کوسو ، مير طارق، محمد ابراهيم کوسو، جان محمد کوسو ، عبدالقيوم کوسو جي موجودگي ۾ فيصلي جي امين نادر خان مگسي ڌرين جو ڳالهيون ٻڌڻ بعد 3 خونن جي في خون 50 لک ۽ مقتول حسين بخش کوسو جي خون جي 60 لک ۽ زخمي جي 3 لک رپيا مجموعي طور ٻنهي ڌرين مٿان 2 ڪروڙ 13 لک رپيا ڏنڊ چٽي رکي وئي. بالاچ کوسو ڌر مٿان 1 ڪروڙ 10 لک جيڪو درمحمد کوسو ڌر کي ادا ڪندو، جڏهن ته وري در محمد کوسو ڌر مٿان 1 ڪروڙ 3 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو جيڪو بالاچ کوسو ڌر کي ادا ڪندا.