شهدادڪوٽ ۾ رائيس مل جي دروازي اڳيان پوريل لاش هٿ، قتل جو شڪ ظاهر

شهدادڪوٽ ۾ رائيس مل جي دروازي اڳيان پوريل لاش هٿ، قتل جو شڪ ظاهر

شهدادڪوٽ (رپورٽر) شهدادڪوٽ جي ريلوي اسٽيشن روڊ ڀرسان رائيس مل جي دروازي اڳيان پوريل لاش هٿ ڪيو ويو، اطلاع تي بي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني، پوليس موجب ٻار رائيس مل ٻاهران راند کيڏي رهيا هئا ته انهن جي نظر لاش جي پير تي پئي جن وڃي پنهنجي گهر وارن کي ٻڌايو، اهڙي اطلاع تي پهچي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون،هوڏانهن 6 مهينا اڳ ساڳئي رائيس مل تي چوڪيداري ڪندڙ 60 ورهين جي شعبان ڪلهوڙو به لاپتا ٿيل آهي، جنهن جا وارث به اچي پهتا،  هٿ آيل شخص جي لاش جي وارثي ڪندڙ سندس ڀائٽي بابر علي ڪلهوڙو ٻڌايو ته پوريل لاش شعبان ڪلهوڙو جو ئي آهي، جيڪو ان ئي رائيس مل تي چوڪيداري ڪندو هيو،جيڪو 6 مهينا اڳ اوچتو ئي غائب ٿي ويو هو، جنهن جو اسان اطلاع بي سيڪشن ٿاڻي تي به ڪيو هيو ۽ وڏي ڳولا ڪرڻ باوجود به ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي، هنن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، پر لڳي ٿو ظالمن کيس شعبان ڪلهوڙي کي قتل ڪري ان کي رائيس مل جي مين گيٽ ڀرسان ئي پوري ڇڏيو آهي .  ٻئي طرف بي سيڪشن پوليس ٻڌايو ته پيرسن شعبان ڪلهوڙي جي گم لاپتا ٿيڻ جو اطلاع بي سيڪشن ٿاڻي تي ٿيل آهي، هٿ آيل لاش کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ عدالت کي درخواست ڏئي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد ئي زمين ۾ دفن ٿيل هٿ آيل لاش کي ٻاھر ڪرائي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ تعلقي اسپتال آندو ويندو. وڌيڪ تصديق سڃاڻپ ٿيڻ بعد ئي ٿيندي.