| شهدادڪوٽ ۾ ريليون، تقريبون، فنڪارن پاران سرن ورکا، سنڌ کي زبردست ڀيٽا |
شهدادڪوٽ(نمائندن وٽان) شهدادڪوٽ ۾ ايڪتا ڏهاڙو عيد جيان قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ايڪتا عيد تي نوجوان پڪا پوڙها معصوم ٻارڙا نوان ويس وڳا پھري اجرڪ ٽوپيون پائي سنڌ امڙ سان محبت جو اظهار ڪيو، مک تقريب شهر جي ڪوٽو موٽو چوڪ تي منعقد ڪئي وئي، جتي نالي وارا فنڪار حامد علي چنو. غلام شبير عباسي. نوان لانگاھ سميت ٻين فنڪارن سنڌي قومي گيت ڳائي سرن جي ورکا ڪري سنڌ ڌرتي کي شاندار ۽ زبردست ڀيٽا پيش ڪئي آهي. ايڪتا ڏهاڙي تي مختلف قوم پرست تنظيمن جنهن ۾ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن پاران ايس ٽي پي ضلعي صدر ڪامريڊ حيات تنيو جي اڳوڻي ۾ ريلي ڪڍي ٽائيم نيوز پهتي ايس يو پي پاران رميز راجا تنيو. آصف مگسي. حمل خشڪ جي اڳوڻي ۾ ريلي جي صورت ۾ ٽائيم نيوز جي مرڪزي ريلي ۾ شريڪ ٿيا جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن پاران مرڪزي اڳواڻ حبدار علي ميرجت . غريب آباد نوجوان اتحاد جي اڳواڻن پپن مگسي. ذوالفقار ميرجت. درزي يونين جي اڳواڻ طارق ٻرڙو. شهري اتحاد جي صدر ڪامريڊ وهاب پندراڻي ڊومڪي نوجوان اتحاد جي اڳواڻ غلام رسول ڊومڪي. بوزدار نوجوان اتحاد جي اڳواڻ شاهنوٿ بوزدار. ضامن علي بوزدار جي اڳواڻي ۾ الڳ ايڪتا ريليون ڪڍي سنڌ پريس ڪلب پهچي ٽائيم نيوز سان گڏجي منشيات کان پاڪ سنڌ جي سري هيٺ ايڪتا ريلي ۾ شرڪت ڪئي. ثقافتي ڏينهن تي سنڌ جي ٻين شهرن جيان شهدادڪوٽ واسي به منشيات پاڪ سنڌ جو عزم ورجايو آهي.