| شهدادڪوٽ ۾ سارين جي ڪٽوتي وارو مسئلو حل نه ٿيو: ٻئي ڏينهن به اناج منڊي بند |
شھدادڪوٽ(رپورٽر) شهدادڪوٽ ۾ سارين جي ڪٽوتي وارو مسئلو حل نه ٿي سگهيو، رائيس ملرز ۽ واپارين پاران ٻئي ڏينهن به احتجاجن اناج منڊي کي بند ڪيو ويو، ان حوالي سان واپاري اڳواڻ سراج کوسو، آصف لغاري جو چوڻ هو ته جيستائين مسئلو حل نه ڪيو ويندو، تيستائين احتجاج جاري رهندو، ٻي طرف سنڌ هاري آبادگار اتحاد جي اڳواڻن محسن قاضي، حبيب الله جروار چيو ته سارين جي خريداري تي ڪٽوتي ڪرڻ غيرقانوني ۽ ناجائز آهي، شهدادڪوٽ جا رائيس ملرز واپاري اڳواڻ ڏاڍ ڪري سارين جي خريداري تي ڪٽوتي ڪري اسان هارين ۽ آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن، واپاري ۽ رائيس ملرز انتظاميا کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ هاڻي احتجاجن اناج منڊي بند ڪري واڪ وارو عمل به بند ڪري ڇڏيو آهي.