شھدادڪوٽ(رپورٽر) شهدادڪوٽ ۾مگسي برادري جي عورتن ۽ مردن جو نوجوان جي گرفتاري خلاف پوليس خلاف احتجاج،سڪندر مگسي،اصغر مگسي،وقار مگسي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته پوليس اسان جي نوجوان فرزند مگسي کي حاضري تان موٽندي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوجوان کي آزاد ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
مرچن جو اگھه گھٽجڻ تي ڳڻتي: ڪراچي سبزي منڊي جا واپاري قبلو درست ڪن: سجاڳ آبادگار فورم
ميرپور ساڪرو (ن پ ا) سجاڳ آبادگارن فورم جي اڳواڻن مقبول احمد ھديو بلوچ علي بخش مري مجاھد ڪلمتي قادر موليپوٽو اميرعلي مري حضورعلي امير ھديو ۽ ٻين ٽاڪاڻي اسٽاپ تي ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪمشنر ڪراچي پاران مرچن جو ريٽ 24 سو روپيا هلي رھيو آهي جڏهن ته ڪراچي منڊي جي واپارين پاران 16 سو روپيا کوليو ويو آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي ماشاء خور ۽ آڙتي پنهنجي من ماني ڪري غلط ريٽ کولي رھيا آهن ساڪرو ۾ ھزارين ايڪڙن تي آبادگارن جو تيار ٿيل مرچ منڊي ۾ نقصان ڪري رھيو آهي سبزي منڊي ڪراچي جي واپارين آبادگارن کي چند منافعي خورن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي جيڪڏهن سبزي منڊي جي واپارين پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته ساڪرو جا آبادگار پنهنجو مرچ پنجاپ جي منڊين ڏانهن موڪلينداسين.
شهدادپور: زخمي نوجوان رستم خاصخيلي فوت: قتل جو الزام
شهدادپور (ن پ ا) شهدادپور لڳ ڳوٺ يعقوب خاصخيلي ۾ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل نوجوان رستم خاصخيلي حيدرآباد اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو. هوڏانهن مقتول جي چاچي رضا محمد خاصخيلي الزام هنيو ته سندس ڀائٽي کي قتل ڪيو ويو آهي
مڪلي واسڻ سان عمري جي بهاني 9 لک جي مبينا ٺڳي، احتجاج
ٺٽو (رپورٽر) مڪلي واسڻ عورت مسمات روشنه خاصخيلي ٺٽي پھچي پريس ڪلب ٺٽو ۾ صحافين آڏو دانھيندي الزام ھنيو آھي ته اسڪرپٽ ڊيلر ٺٽي واسي الطاف کيس عمرو ڪرائڻ بھاني 9 لک روپيه ورتا پر ھن کيس ايئرپورٽ تي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري کيس عمرو ڪرائڻ کانسواءِ واپس موٽائي ڇڏيو آھي ھن چيو ته ساڻس ٿيل ناانصافي جون دانھون ھن صحافين سميت پوليس سان گڏ ايئرپورٽ انتظاميه کي ڏنيون آھن، جنھن بعد کانئنس 9 لک روپيه وٺي سعودي عرب ويل الطاف جا ڀائر بابو ۽ اشفاق سندن گھر تي اچي کين خاموش رھڻ تي مجبور ڪري ڌمڪيون ڏئي ٿو. اسان کي تحفظ مھيا ڪري الطاف پاران عمري لاءِ ورتل رقم 9 لک روپيه واپس ڏياري وڃي ۽ ان سان گڏ جيڪڏھن ڪوبه نقصان پھتو يا کين اغوا ڪيو ويو ته ان جا ذميوار الطاف جا ٻئي ڀائر ھوندا.
حيدرآباد پوليس پاران مختلف ڪارروائين ۾ 7 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد پوليس مختلف ڪاررواين ۾ 7 جوابدار گرفتار ڪري، چرس، شراب ۽ مين پڙيون ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. مارڪيٽ پوليس ٻن جوابدارن سليم اجميري ۽ پرويز بالميڪي کي گرفتار ڪري 700 گرام چرس ۽ 12 شراب جون بوتلون ھٿ ڪيون ڦليلي پوليس ٻن جوابدارن علي جاکرو ۽ مجيب عباسي کي گرفتار ڪري 3 ڪلو کان وڌيڪ چرس ھٿ ڪيو ٽنڊو ڄام پوليس مولا بخش ڪاڪا کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ھڪ ڪلو 10 گرام چرس ھٿ ڪري ورتو حالي روڊ پوليس ٻن جوابدارن اڪبر بلوچ ۽ اشفاق کوسي کي گرفتار ڪري 300 عدد مين پڙيون ھٿ ڪيون ويون پوليس گرفتار ڪيل سمورن جوابدارن خلاف ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري ورتا
پيرڳوٺ ۾ ڳوٺاڻن جو احتجاج، پوليس تي نوجوان کنڀي گم ڪرڻ جو الزام
پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرڳوٺ ڀرسان ڳوٺ باگو ڦلپوٽو جي رهواسين ڳوٺاڻن غلام نبي ڦلپوٽو، محمد علي، سلطان احمد ڦلپوٽو پيرڳوٺ پوليس خلاف احتجاج ڪندي چيو ته پوليس اسان جي 9 ڪلاس جي شاگرد احمد علي ڦلپوٽو کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي خدشو آهي ته پوليس کيس ڪوڙو مقابلو ڏيکاري هاف فراءِ ڪندي اهڙي صورتحال ڪري سخت پريشان آهيون هنن مطالبو ڪيو ته نوجوان کي آزاد ڪرايو وڃي.
سکر ۾ حددخلين خلاف ڪارروائي، غيرقانوني دڪا ڊاهيا ويا
سکر (بيورو رپورٽ) سکر ضلعي انتظاميا جي مک بازارن مان حدخليون هٽائڻ لاءِ ڪارروائي. شاهي بازار سکر ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر جي اڳواڻيءَ ۾ آپريشن ڪيو ويو. اسسٽنٽ ڪمشنر سارا فراز، مختيارڪار سٽي بابر بلو، اينٽي انڪروچمينٽ آفيسر افضل چنا ۽ پوليس جي وڏي نفري به آپريشن ۾ موجود رهيا. شاهي بازار، ڊرائي فروٽ مارڪيٽ، شهيد گنج مان هيوي مشينريءَ جي مدد سان وڌايل دڪا ڊاٿا ويا.