| شهدادڪوٽ ۾ هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ |
شهدادڪوٽ(رپورٽر) شهدادڪوٽ پوليس جو مبينا مقابلو، هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پستول هٿ ڪرڻ جي دعويٰ، پوليس موجب دانگي شاخ ويجھو ڏوهه جي ارادي سان بيٺل جوابدارن سان مقابلو ٿي پيو، مقابلي دوران هڪ جوابدار محمد ملوڪ سيال ولد والي رکيو سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدار جي قبضي مان ٽي ٽي پسٽل ۽ گولين جا ميگزين هٿ ڪيا ويا آهن.