| شهدادڪوٽ ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي ملازمن ۽ ٻين جا مظاهرا |
شھدادڪوٽ(رپورٽر) شهدادڪوٽ ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي ملازمن ۽ ٻين ڌرين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان ڏس ۾ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي ملازمن کي پڪو نه ڪرڻ ۽ سياسي ڀرتين خلاف ملازمن پاران ساجد مستوئي . صدام ٻرڙو. سعيد احمد سيلرو حبيب رحمان مير محمد مگسي ٻين جي اڳواڻي ۾ چانڊيا واٽر سپلاءِ اسڪيم اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. هنن چيو ته گذريل 15 سالن کان قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي مختلف واٽر سپلائين تي ڏينھن رات جاڳي نانگ بلائن ۾ شھرين ۽ ڳوٺاڻن کي پاڻي پھچايو آهي افسوس اسان کي ريگيولر ڪرڻ بجائي سياسي ڀرتيون ڪري ڀوتارن جي نوڪرن کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي. پڪو نه ڪيو ويو ته 27 ڊسمبر تي شھيد راڻي جي مزار اڳيان ۽ مختلف روڊن سخت احتجاج ڪري ڌرڻا ھڻنداسين. ضلعي ۾ 1کان 4 گريڊ جي نوڪرين م پنهنجا نوازي خلاف ٻئي ڏينهن تي به معذورن اعجاز کوسو ، فدا حسين منگي ، اصغر کوسو،ارسلان ڀٽو ، ذاڪر شاه ۽ ٻين احتجاج ڪيو. شھدادڪوٽ ڀرسان نديم عمراڻي کان 25 ماڊل ون ٽو فائي موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ واري عمل خلاف شهر جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران قمبر شهدادڪوٽ روڊ تي رڪاوٽون وجهي ڌرڻو هنيو ويو. جنھن سبب ڪراچي ، حيدرآباد ، لاڙڪاڻو ، قمبر شهدادڪوٽ ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل رهي. نورالدين مغيري، ذوالفقار سيلرو، منٺار رڏ، پيارو عمراڻي ذاڪر گھلو ۽ ٻين آءِ جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪري ڦر ڪيل موٽر سائيڪل ، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرايو وڃي ٻئي صورت م روڊ تي ڌرڻو جاري رکيو ويندو .