شهدادڪوٽ:چيئرمين شهرين کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏيو:گندو پاڻي تلاءُ بڻيل

آگسٽ 1, 2023

شھدادڪوٽ(رپورٽر)شھدادڪوٽ شھر مان 8 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، ميونسپل چيئرمين توڙي چونڊيل نمائندن شهرين کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏيو آهي

شهر جي اڪثر محلن رتوديرو روڊ ڳڙھي خيرو روڊ قبو روڊ پراڻي اناج منڊي روڊ گرلس اسڪول روڊ ڪوٽو موٽو چوڪ روڊ ۽ ۾ گندو پاڻي تلاءِ بڻجي وڃڻ سبب شهرين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي جڏهن ته مستوئي محلي جي رھواسين ٽائرن کي باھيون ڏيئي ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو

 ان موقعي تي عبدالنبي لانگاھه، عمران چانڊيو، عرفان لانگاھه،  احمد نواز بروھي ۽ ٻين چيو ته ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا ۽ چونڊيل ڪائونسلرن جي نا اھلي ۽ لاپرواهي سبب ھفتي کان برساتي گندو پاڻي نيڪال نه ڪيو ويو آهي، علائقي ۾ بدبوءَ ڦھلجي وئي آهي

هنن ٻڌايو ته مستوئي محلي جي سڀني گهٽين ۾ 2 کان 3 فوٽن تائين برساتي گندو پاڻي بيھجي وڃڻ ڪري محلي جي عورتن مردن ۽ ٻارڙن کي شھر کان گهر ۽ گهرن کان شھر طرف اچڻ وڃڻ ۾ انتھائي سخت مشڪلاتن سان منهن ڏيئڻو پوي ٿو

شھرين پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ ڊپٽي ڪمشنر قمبرشھدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي مستوئي محلي سميت سموري شھر ۾ 8 ڏينهن کان بيٺل برساتي گندو پاڻي جلد نيڪال ڪرائي شھر ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو

Leave A Comment