| شهدادڪوٽ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان زال گوليون هڻي قتل |
شهدادڪوٽ(رپورٽ: ايم اسحاق بوزدار) شهدادڪوٽ ۾ جوابدار ڪارنهن الزام ھڻي پنهنجي نوجوان زال کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو،اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٽانوري شاخ ڀرسان پٺاڻ ڪالوني ۾ جوابدار مبينا طور ڪارنهن الزام ھڻي پنهنجي نوجوان زال ريشمان سولنگي کي پستول جون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، ان حوالي سان پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.