شهدادڪوٽ: 15هزار رپين جي ڏيتي ليتي تان 10 ماڻهو ڏنڊا ۽ سروٽا هڻي رتورت
جُولاءِ 14, 2023
شهدادڪوٽ (رپورٽر) شهدادڪوٽ ۾ 15 هزار رپين جي ڏيتي ليتي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ڏنڊا ۽ سروٽا لڳڻ جي نتيجي ۾ 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا
شھدادڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد شيزان چوڪ ڀرسان مگسي ۽ ڪوري ذات جي ٻن ڌرين ۾ 15 ھزارن جي ڏيتي ليتي واري ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو
ٻنھي ڌرين جي ماڻهن هڪٻئي تي ڏنڊن ۽ سروٽن جو وسڪارو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا
زخمين کي سول اسپتال شهدادڪوٽ منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ شھزادو مگسي، عرفان مگسي بابر مگسي، سراج الدين مگسي، ڪاشف ڪوري، بخت علي ڪوري، سيف الله ڪوري، محمد ھاشم ڪوري، اصغر علي ڪوري، غلام نبي ڪوري شامل آهن