شھدادڪوٽ (سٽي رپورٽر)شهدادڪوٽ جي اڪيلي ريلوي پارڪ ۾ سهولتون نه هجڻ تي شهرين انتظاميا مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪري ڇڏيو
ريلوي پارڪ ۾ سهولتون نه هجڻ سبب شهري تفريح کان مڪمل طور وانجهيل آهن، ”پنهنجي ويب” سان ڳالهائيندي شهرين جو چوڻ هو ته شھدادڪوٽ شھر ۾ ھڪڙو ئي پارڪ آهي ان ۾ به ڪي سهولتون نه آهن
هنن چيو ته پارڪ ۾ مسافرن جي ويھڻ لاء به ڪو بندوبست نه آهي نه ئي وري پيئڻ جو پاڻي پيو ملي جنهن جي ڪري تفريح لاءِ ايندڙ سخت ڏکيائين جي ور چڙهيل آهن
شهرين چيو ته ميونسپل ڪميٽي جي ڪروڙن جي بجيٽ آهي پر شهر جي اڪيلي پارڪ ۾ به ڪي سهولتون نه هجڻ انتظاميا جي نااهلي جو مثال آهي
شهري ڊپٽي ڪمشنر سميت لاڳاپيل اختيارين کان پارڪ کي سهولتون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي