شهداد ڪوٽ واسي نوجوان حيدرآباد ۾ ڦر دوران قتل

مَي 19, 2023

شھدادڪوٽ ( سٽي رپورٽر) شھدادڪوٽ جي نوجوان کي حيدرآباد ۾ ڦورن قتل ڪري ڇڏيو

ڀٽائي نگر واري  علائقي ۾  موٽر سائيڪ سوار هٿياربندن شھدادڪوٽ جي ڳوٺ اعتبار چانڊيو جي رهواسي نصرالله  خاصخيلي کي ڦر دوران مزاحمت تي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

نوجوان جي ڀاءُ نادر خاصخيلي جو چوڻ آهي ته ڀاءُ کي ڦر مزاحمت تي قتل ڪيو ويو آهي اسان کي انصاف ڏياريو وڃي

نوجوان جي قتل جي خبر پوڻ تي ڳوٺ ۾ سوڳ ڇانئجي ويو، نصراللله جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • گمبٽ ۾ هٿياربندن هٿان دڪاندار گولي هڻي زخمي

  • دوڙ ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ، ساهرن تي قتل جو الزام