شهداد ڪوٽ ۾ نادرا آفيس جي ٻاهر منتقلي خلاف شهري رستن تي اچي ويا

جُون 18, 2023

شهداد ڪوت(رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ شھري اتحاد جي سڏ تي نادرا آفيس شھر کان ٻاھر منتقل ڪرڻ خلاف مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چونڪ تي پھچي شاميانا لڳائي علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي آهي

 احتجاج ۾  شھر مختلف سياسي سماجي تنظيمن جنهن ۾ شھيد ڀٽو ، ايس يو پي ، ايس ٽي پي ، شعيا تنظيم، جي يو آئي ، جماعت اسلامي، سوشل ورڪر اتحاد،  سنڌ آبادگار بورڊ،  بئريسٽر ٽيم، مسلم ليگ ن ،  نوجوان سيلرا اتحاد، ٽريڊ يونين مزدور فيڊريشن سميت ٻين تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

 ان موقعي تي اڳواڻن وھاب پندراڻي، حبدار علي ميرجت، ڪامريڊ محمد عرس سيلرو،  وزير علي کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهيندي  چيو آهي ته نادرا آفيس شھر ۾ ھجڻ ڪري سڀني شھرين کي سھولت آهي نادرا آفيس کي شھر کان ٻاھر منتقل ڪرڻ کي وڏي سازش سمجهون ٿا

سندن چوڻ هو ته اھا سازش حڪومتي ڌر جي ماڻهن جي آهي ته نادرا آفيس شھر کان ٻاھر منتقل ڪري نادرا آفيس مٿان قبضو ڪري گهر ٺاھيو وڃي

هنن نادرا آفيس جي ٻاھر منتقل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو  ته نادرا آفيس کي شھر کان ٻاھر منتقل ڪرڻ ھر گز نه ڏينداسين

Leave A Comment