شهريارشر، ارباب امان، شبير بجاراڻي ۽ نعمان شيخ به اميدوار: پ پ پاران رهيل 19 ٽڪيٽن جو اعلان

جنوري 9, 2024

ڪراچي (رپورٽ: سترام مهيشوري ۽ فقير سليم) پيپلزپارٽي پاران سنڌ جي رهجي ويل قومي اسيمبلي جي 6 ۽ سنڌ اسيمبلي جي 13 سيٽن تي اميدوارن جو اعلان ڪيو ويو آهي

ان ڏس ۾ ڪشمور ۽ شڪارپور تي ٻڌل قومي تڪ اين اي 192 تي اڳوڻي صوبائي وزير شبير بجاراڻي، سکر واري تڪ اين اي 200 تي نعمان اسلام الدين شيخ، ڪراچي جي ڪورنگي واري تڪ اين اي 232 تي زرتش ملڪ، اين اي 233 ڪورنگي تي ندا عاصم، 234 ڪورنگي تي محمد علي راشد، 240 ڏکڻ تي سينيٽ جي اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا، اين اي 250 سينٽرل تي متحده مان آيل خواجا سهيل منصور کي ٽڪيٽ ڏني وئي. جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جي گهوٽڪي واري تڪ پي ايس 18 تي پي ٽي آءِ مان آيل شهريار شر کي ٽڪيٽ ڏني وئي، جڏهن ته پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ سينيٽر ڄام مهتاب ڏهر آئوٽ ڪيو ويو، هوڏانهن خيرپور جي پي ايس 31 تي اڳوڻي صلاحڪار سيد بچل شاهه کي ٽڪيٽ ڏني وئي، جيڪو جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري جي فرزند پير راشد شاهه جو مقابلو ڪندو، هوڏانهن حيدرآباد جي پي ايس 64 تي اڳوڻي سينيٽر عاجز ڌامراهه، پي ايس 65 تي حاجي فريد قريشي، بدين جي صوبائي تڪ پي ايس 70 تي اڳوڻي خاص معاون جي ارباب لطف الله جي ڀاءُ ارباب امير امان الله کي ٽڪيٽ ڏني وئي، جڏهن ته پي ايس 88 ملير تي سيد مزمل شاهه، پي ايس 90 ڪورنگي تي ڊاڪٽر شبنم ناصر، پي ايس 92 ڪورنگي تي تابش الطاف جوڻيجو، پي ايس 93 ڪورنگي تي جاويد شيخ، پي ايس 108 ڏکڻ تي ڊي ايم سي سائوٿ جي اڳوڻي چيئرمين ملڪ محمد فياض، پي ايس 109 ڏکڻ تي عبدالرزاق سنگهاڻي، پي ايس 117 ويسٽ تي اڳوڻي عورت ايم پي اي شميم ممتاز ۽ پي ايس  121 ويسٽ تي محمد حليم کي ٽڪيٽ ڏني وئي

Leave A Comment