شهريارشر حملو ڪيس: اڳوڻو ايس ايچ او شڪور لاکو بي ڏوهي قرار: جاچ رپورٽ پڌري

شهريارشر حملو ڪيس: اڳوڻو ايس ايچ او شڪور لاکو بي ڏوهي قرار: جاچ رپورٽ پڌري

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي) اڳوڻي ايس ايچ او عبدالشڪور لاکو خلاف الزام بي بنياد قرار ڏئي کاتي جاچ ۾ بي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو، ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ پاران ڪرايل  جاچ ۾ شڪور لاکو خلاف لڳايل سمورا الزام بي بنياد قرار ڏنا ويا، جاچ رپورٽ موجب شهريار شر حملي ڪيس ۾ عبدالشڪور لاکو جو ڪنهن به ڏوهاري سان سهڪار، سهولتڪاري يا سازش ثابت نه ٿي سگهي آھي،انڪوائري ڪاميٽي پنجاب فارنزڪ سائنس ايجنسي لاهور جي موبائل فون ڊيٽا، فارنزڪ رپورٽن ۽ آزاد شاهدن جي بيانن جو تفصيلي جائزو ورتو، جنهن مان واضح ٿيو ته عبدالشڪور لاکو خلاف ڪا به ڏوهاري شاهدي موجود ناهي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته کيس فائنل چالان ۾ ڪالم ٽو ۾ رکيو ويو، جيڪو سندس بيگناهي جو واضح ثبوت آهي جاچ ۾ اهو به سامهون آيو ته سوشل ميڊيا تي شڪور لاکو جي پٽ جي شادي تقريب ۾ وائرل ٿيل وڊيوز ۾ به شڪور لاکو جو ڪنهن به نامزد يا اشتهاري جوابدار سان سڌو سنئون لاڳاپو ظاهر نٿو ٿئي.رپورٽ موجب شادي تقريب ۾ ڪجهه ماڻهن جي موجودگي کي ڏوهه سان ڳنڍڻ قانوني طور درست ناهي، انڪوائري رپورٽ موجب اڳوڻي پ پ ايم اين اي شهريار خان شر حملي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد عبدالشڪور لاکو کي معطل ڪري گرفتار ڪيو ويو، جيڪو پوليس کاتي جي فوري ۽ قانون موجب ڪارروائي کي ظاهر ڪري ٿو، بعد ۾ آزاد شاهدن ۽ فارنزڪ ثبوتن جي بنياد تي کيس بي ڏوهي قرار ڏنو ويو.رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته  عبدالشڪور لاکو خلاف ڪا به وڌيڪ کاتي ڪارروائي نه ڪئي وڃي، جڏهن ته اصل اشتهاري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس کي وڌيڪ اثرائتا ۽ مسلسل قدم کڻڻ گهرجن، ان سان گڏ رپورٽ ۾  شڪايت ڪندڙ شهريار شر کي فراهم ڪيل سيڪيورٽي موجوده حالتن موجب ڪافي قرار ڏني وئي آهي.
 

شهريار شر پاران پوليس جاچ رپورٽ رد، عدالت وڃڻ جو اعلان

ميرپور ماٿيلو: شهريار شر  شڪور لاکو خلاف ٿيندڙ جاچ رپورٽ کي رد ڪندي هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو آھي، ان حوالي سان ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي شهريار شر چيو ته ايس پي سکر شڪور لاکو کي فيور ڏني آھي، اھڙي رپورٽ کي ھو رد ڪري ٿو، شڪور لاکو جي خلاف  پختا ثبوت موجود آھن، جيڪي ھو عدالت ۾ پيش ڪندو، شڪور لاکو حملي ۽ علي محمد شر قتل ڪيس ۾ ملوث آھي، جنھن جو ڪيس عدالت ۾ ھلي رھيو آھي.