شهريار شر حملو ڪيس: روپوش جوابدارن جي شادي ۾ شرڪت واري وڊيو وائرل

شهريار شر حملو ڪيس: روپوش جوابدارن جي شادي ۾ شرڪت واري وڊيو وائرل

ميرپورماٿيلو (ن پ ا) شهريار شر حملي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ايس ايچ او شڪور لاکو  جي  پُٽ جي شاديءَ  ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ سکر  جي موجودگيءَ ۾ مهمان طور شريڪ ٿيڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ روپوش جوابدار شوڪت سيلرو ۽ عطو سيلرو گهوٽ سان گڏ بيٺل نظر اچن ٿا، شادي تقريب ۾ روپوش جوابدارن جي شرڪت دوران ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران ۽ ايس ايس پي سکر اظهر مغل به موجود هئا.