شهرين جي فون ڪال رڪارڊ ڪرڻ قانوني قرار، ايجنسيز جي ڪم ۾ پوڻ سلامتي جي مفاد ۾ ناهي: حڪومت
نومبر 7, 2023
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) شهرين جي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪرڻ غيرقانوني ناهي، ان لاءِ ليگل فريم ورڪ موجود آهي، وزيراعظم آفيس آڊيو ليڪس ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو
وزيراعظم آفيس پاران جواب ۾ چيو ويو ته انويسٽيگيشن فار فيئر ٽرائل ايڪٽ 2013 رڪارڊنگ جي اجازت ڏئي ٿو، پي ايم آفيس انٽيليجنس ايجنسيز جي روز مرهه جي حساس معاملن ۾ مداخلت ناهي ڪندي، ايجنسيز جي ڪم جي تفصيلن ۾ وڃڻ سلامتي جي مفاد ۾ ناهي
جواب ۾ چيو ويو ته شهرين جي قانون موجب رڪارڊ ڪيل ڳالهه ٻولهه ڳجهي رکڻ ضروري آهي، ليڪ ٿيڻ کان روڪڻ ضروري آهي، اهو يقيني بڻائڻ ضروري آهي ته رڪارڊنگ ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي
آڊيو ليڪ جو معاملو وفاقي حڪومت جي علم ۾ آهي، ان جي انڪوائري لاءِ سينئر ججز تي ٻڌل اعليٰ سطحي ڪميشن جوڙيو ويو آهي