نيويارڪ (م ڊ) آمريڪا ۾ 11 سيپٽمبر 2001ع تي ٿيل دهشتگرد حملي جي 25 هين ورسي ملهائي وئي هي هڪ اهڙو ڏينهن هو جنهن دنيا کي بدلائي ڇڏيو. ڪالهه واقعي جي ياد ۾ تقريبون آمريڪا ۾ ٿيون. نيو يارڪ شهر ۽ واشنگٽن ڊي سي ۾ به تقريبون ڪيون ويون. صدر ڊونلڊ ٽرمپ پينٽاگون ۾ تقرير ڪئي سمورا زنده اڳوڻا صدر نيو يارڪ شهر ۾ گڏ ٿيا. حملن بابت اڳ ۾ ظاهر نه ڪيل رڪارڊن جا 170,000 کان وڌيڪ صفحا جاري ڪيا ويا آهن جن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ان وقت شهر جي عملدارن کي خبر هئي ته گرائونڊ زيرو جي چوڌاري حالتون غير محفوظ هيون.