شهري جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ وارو حڪم ڪالعدم قرار

شهري جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ وارو حڪم ڪالعدم قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مالي تڪرار واري ڪيس ۾ شهري جو شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ماتحت عدالت جو شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ وارو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته شهرين جو شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ غيرقانوني ۽ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي،ڪنهن به قانون ۾ شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جي واضح گنجائش موجود ناهي، سپريم ڪورٽ واضح ڪري چڪي آهي ته سنڌ ۾ لاڳو سول پروسيجر ڪوڊ 1908 ۾ شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ بابت ڪا به شق موجود ناهي، ضابطه فوجداري قانون تحت به شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جي ڪو واضح قانوني بنياد موجود ناهي، اعليٰ عدالتن نادرا آرڊيننس 2000 تحت به شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جي عمل جي حوصلا شڪني ڪئي آهي، ڪارڊ بلاڪ ٿيڻ سان شهري جي زندگي عملي طور مفلوج ٿي وڃي ٿي، رخواستگذار محمد راشد سينيئر سول عدالت جي شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ واري حڪم کي چيلينج ڪيو هو.