شهري مسئلا ڪير حل ڪندو ؟ سڪرنڊ بچايو تحريڪ پاران ريلي: ڌرڻو: نعريبازي

شهري مسئلا ڪير حل ڪندو ؟ سڪرنڊ بچايو تحريڪ پاران ريلي: ڌرڻو: نعريبازي

  سڪرنڊ(رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ بچايو تحريڪ پاران بدامني، منشيات ، اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ شهر ۾ گندگي خلاف ريلي، سوين شهرين،  عورتن ۽ ٻارڙن سان گڏ شھباز شاخ  کان پريس ڪلب چوڪ تائين مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي انتظاميه خلاف نعريبازي ڪئي وئي. ريلي کي سڪرنڊ بچايو تحريڪ جي اڳواڻ ايوب کوسو ، ايس يو پي اڳواڻ پرويز سومرو، ڪيلا رام اوڏ ، امام علي جمالي، زاهد انڙ ، بچل ڏھيو، جي يو آءَ اڳواڻ مولانا احسان الله موروجو ، عبدالرشيد پرهياڙ ، جماعت اسلامي جي راشد مڪرم، فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ نظام الدين سنجراڻي ، جسقم جي قربان ٻنڀ ، جسم جي قدير لغاري، قومي عوامي تحريڪ جي مشتاق ماڃوٺو ، وحدت مسلمين جي سجاد علي شاهه، عوامي ورڪرز ڪاميٽي جي فيض ڪيريو ، پي ٽي آءِ اڳواڻ نثار پرهياڙ، شهري اتحاد جي نياز لاشاري ، سانول ڪيريو، پ پ (شهيد ڀٽو) جي شوڪت ڀاڻوجو ، نواز ليگ جي اڳواڻ امجد خانزاده خطاب ڪندي چيو ته سڪرنڊ شهر گندگي جو ڍير بڻجي چڪو آهي ڪا گهٽي ياڪو رستو صاف ناهي، ڪروڙين روپين جي بجيٽ باوجود صفائي جو انتظام ناقص آهي، گٽرن جو پاڻي اٿلڻ سبب اچ وڃ جا گس بند آهن، اسٽريٽ لائيٽ نه هجڻ ڪري شهر ۾ اونداهي جو راڄ آهي، تعلقي اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ آهي،  19 ڊاڪٽرن جي پوسٽنگ هوندي 20سيڪڙو  ڊاڪٽر ڊيوٽي ڪري رهيا آهن، جنهن سبب ڪيترا شهري موت جي منهن ۾ وڃي چڪا آهن، هنن وڌيڪ چيو ته شهر جي گهٽي گهٽي ۾ منشيات جو وڪرو ۽ واهپو عام آهي ڪيئي نوجوان زندگيون وڃائي چڪا آهن. مهراڻ ڪالوني جي ٻورا فورس شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، گهرن ۽ دڪانن مان چوريون معمول آهن، هنن چيو ته شهري مسئلن جي حل لاءِ   احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.