| شهري کي ڏينهن ۾ 5 چالان: اي چالان ڪنٽرول مان نڪري ويو |
ڪراچي(م ڊ) ڪراچي شهر ۾ اي چالان جو نظام ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي ويو، هڪ شهري کي هڪ ئي ڏينهن ۾ 5 چالان ملي ويا. حڪيم الله موجب مون کي پنج اي چالان 30 آڪٽوبر تي ڏنا ويا، جن مان 3 چالان هڪ ئي هنڌ تي ۽ 2 ٻئي هنڌ تي جمع ڪرايا. شهري ٻڌايو آهي ته پهريان 3 چالان 12:03 منٽن تي ماڙيپور ۾ ٿيا، چوٿون ۽ پنجون چالان 12 لڳي 13 منٽن تي حسن اسڪوائر تي ٿيو، جڏهن ته سمورا چالان سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي ڪيا ويا. شهري چيو آهي ته مليل چالان تي تاريخ به لکيل آهي، جڏهن ته 50 هزار جا چالان ملڻ تي شهري مٿي تي هٿ رکي ڇڏيا. ٽريفڪ پوليس موجب شهري سان رابطو ٿي ويو آهي، انهي کي سهوليت سينٽر وڃڻ جو چيو آهي، اهي چالان ري ويو ٿي ويندا ڇو ته انهي جو پهريون چالان هو انهي لاءِ اهي به معاف ٿي ويندا.