تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

شهزادي … ڊاڪٽر حشمت / اعجاز علي مهيري

دوستو! ”هيءَ ته گلاب جو گل آهي، ھن کي ته ڪنھن محل ۾ هجڻ گهرجي ها هوءَ هتي ڇو ويٺي آهي.؟“مون دوستن کي چيو. هوءَ هڪ پينو فقيرياڻي هئي. شايد ان وقت هوءَ خيرات نه وٺي رهي هئي. ڪارا ڪپڙا پهريل سنهڙا چپ گلابي چهرو ڇا ته غضب جي حسين هئي. اهو عيد جو ڏينهن هو. جڏهن گهمندي گهمندي اوچتو منهنجي نظر مٿس پئجي ويئي هئي. مان سندس حُسن مان متاثر ٿيندي رهي نه سگهيس. دوستن کي چيم. ”اچو ته انهيءَ وٽ هلون ٿا“ هوءَ ان وقت هٿن تي مختلف قسمن جي گلن جا ميندي وارا ٺپا هڻي رهي هئي. مون ان کان پڇيو. ”هن شئي جو ڪهڙو فائدو؟“ هُن چيو ته. ”هي خوبصورت لڳندا آهن. هي ڪپڙا توهان ڇو پاتا آهن؟“ هن مون کي قائل ڪرڻ لاءِ الٽو مون کان سوال ڪيو.”مون چيو خوبصورت لڳندا آهن.“ تڏهن هن چيو. ”هي ٺپا به هٿن تي خوبصورت لڳندا آهن.“ مون چيو. ”ٺيڪ آهي هڪ ٺپو لڳائي“ هن منهنجو هٿ جهلي ٺپو لڳايو ڏھه رپيا ٺپو. منهنجي دل ۾ هڪ ٻيو به ٺپو لڳي چڪو هو. هڪ شهزادي ۽ روڊ جي ڪناري!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *