ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ميمبر شهزاد اعواڻ سوڌو وڌيڪ 3 اڳواڻن تحريڪ انصاف کي الوداع چئي ڇڏيو آهي
پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ سنڌ اسيمبلي ميمبر شهزاد اعواڻ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 20-22سالن جو تحريڪ انصاف ۽ عمران سان ساٿ رهيو آهي تحريڪ انصاف کان پنهنجون راهون جدا ڪريان ٿو
هن چيو ته پاڪستان جي فوج دنيا جي عظيم فوج آهي، شهيدن جي بي حرمتي ڪنهن صورت قابل برداشت ناهي، 9مئي واقعن جي مذمت ڪريان ٿو
ٻئي طرف پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر سبين گل سياست ئي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي، هن چيو ته مون سدائين امن جي سياست ڪئي آهي، آئون ڪنهن وڳوڙن جو حصو نه رهيو آهيان
اڳوڻي ايم پي اي سبين گل چيو ته منهنجي طبيعت خراب آهي ان ڪري سياست جاري نٿي رکي سگهان، شازيه عباس به پي ٽي آءِ کان عليحدگي جو اعلان ڪيو