شهيدن جي قربانين پاڪستان ۾ جمهوري بنياد مضبوط ڪيا: صدر

  شهيدن جي قربانين پاڪستان ۾ جمهوري بنياد مضبوط ڪيا: صدر

اسلام آباد/ڪراچي(نمائندن وٽان) صدر آصف علي زرداري پيپلز پارٽي جي 58هين يومِ تاسيس تي پنهنجي  پيغام ۾ چيو آهي ته باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا، جن جي همت ۽ قربانين پاڪستان جي جمهوري بنيادن کي مضبوط ڪيو ۽ ڪيترين نسلن تي پنهنجو اثر ڇڏيو. پنهنجي سموري تاريخ دوران پيپلز پارٽي وقت جي چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ هميشه جدوجهد ڪئي آهي. جڏهن پاڪستان تي آمريت جو پاڇو هو ته پيپلز پارٽي جمهوريت جي مزاحمت ڪندڙ جماعت طور ڪلهو ڏئي مقابلو ڪيو ۽ عوامي حقن جي بحالي جي جدوجهد جي اڳواڻي ڪئي. آئون سڀني پارٽي ڪارڪنن ۽ حامين کي چوندس ته  اهي جمهوري اتحاد کي برقرار رکن، وفاق جي حفاظت ڪن،هوڏانهن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته  پ پ جو يومِ تاسيس جمهوريت، باوقار مساوات ۽ سماجي انصاف جي جدوجهد مان جنم وٺندڙ عوامي تحريڪ جو جشن آهي، هن چيو ته پارٽي جو سفر شھيدن جي قربانين سان رقم آهي،  جيالن جي ثابت قدمي ۽ استقامت پارٽي کي هميشه مضبوط بڻايو آهي۔ هن قوم کي اپيل ڪئي ته خوشحال، پرامن ۽ جمهوري پاڪستان لاءِ گڏجي جدوجهد ڪن۔