| شهيدن سان انصاف ٿيڻ تائين فيصلو قبول ناهي: مائٽ |
مورو: موري لڳ ڪچي جي ڳوٺ بجراڻي لغاري واسي شھيد عرفان لغاري جي ڀاءُ درشن لغاري ۽ شھيد شاھد لغاري جي ڀاءُ منظور لغاري جو چيوآهي ته جيستائين اسان جي بي گناھ شھيد ڀائرن جي خون سان انصاف نه ٿيندو، قاتلن تي ڪيس داخل ڪري کين لاڪپ نه ڪيو ويندو، تيستائين اسان ڳالھين يا فيصلن کي قبول به ڪنداسين، هنن چيو ته اسان جي ڀائرن سنڌ ۽ سنڌي قوم جي بقا خاطر جدوجھد ڪئي ھئي، سندن خون سان انصاف ٿيڻ گھرجي. اسان مسلسل 11 مھينن کان تڪليفون ڪاٽيون آھن جيڪڏھن وڌيڪ ڪاٽڻيون پيون، اھي به قبول آھن. باقي جن کي 20 مئي واقعي ڪيس ۾ آزادي ملي ٿي ته اھا خوش آئند ڳالهه آھي