اسلام آباد(بيورو رپورٽ) شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري ايم اين اي طور حلف کڻي ورتو جڏهن ته اپوزيشن ميمبرن سخت گوڙ ڪيو ۽ نعرا هنيا
قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ شهيد بينظير آباد مان قومي اسيمبلي جي تڪ تان ڪامياب ٿيل پ پ ايم اين اي آصفه ڀٽو حلف کنيو، اسپيڪر اياز صادق کيس حلف کڻايو
آصفه ڀٽو زرداري جي حلف دوران اپوزيشن ميمبرز گوڙ ڪيو ۽ سخت نعري بازي ڪئي، پ پ ميمبرز اپوزيشن جي رويي خلاف واڪ آئوٽ ڪيو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڊپٽي اسپيڪر به ايوان مان هليا ويا
واضح رهي ته آصفه ڀٽو پنهنجي والد آصف زرداري جي خالي ڪيل سيٽ تي ضمني چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ بنا مقابلي ڪاميابي ماڻي هئي