شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي: وزيراعظم

شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ملهائي رهيا آهيون، جنهن جمهوريت، عوامي حقن ۽ وفاق پاڪستان جي استحڪام لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي. بينظير ڀٽو جمهوريت ۾ رواداري ۽ هم آهنگي جهڙين مثبت قدرن کي هٿي ڏني. هن سياسي عمل ۾ برداشت ۽ رواداري کي فروغ ڏنو، جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي. ملڪ ۽ قوم لاءِ بينظير ڀٽو جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن چيو ته بينظير ڀٽو جي سياسي ورثي ۾ حب الوطني جو جذبو نمايان آهي. بينظير ڀٽو عورتن جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ، اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ پاڪستان کي هڪ پرامن، ترقي پسند ۽ جمهوري رياست بڻائڻ لاءِ اهم ۽ قابل قدر قدم کنيا. ان جون قربانيون ۽ خدمتون قوم لاءِ مشعل راهه آهن.