شهيد جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ گرفتار جمن مهر مک جوابدار بڻجي ويو

نومبر 14, 2023

شهيد جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ سهولتڪار طور گرفتار ڪيل جوابدار جمن مهر مک جوابدار بڻجي ويو، جاچ آفيسر سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت آڏو بيان ۾ انڪشاف ڪيو ته سي سي ٽي وي فٽيج ۾ جمن مهر شهيد صحافي کي گوليون هڻندي نظر آيو آهي، جمن مهر جو نالو سهولتڪاري مان ڪڍي مک جوابدار طور ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو، جاچ آفيسر عبدالقدوس ڪلوڙ ڪيس جو حتمي چالان جمع ڪرائي ڇڏيو، جاچ آفيسر چيو ته ڊي آءِ جي پاران جي آءِ ٽي جوڙڻ لاءِ گهرو کاتي کي خط لکيو ويو هو، گهرو کاتي طرفان اڃا تائين جي آءِ ٽي نه جوڙي وئي آهي، عدالت ٻڌڻي 28 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

لاڳاپيل پوسٽون

  • لاڙڪاڻي ۾ مڙهه کڻن به مشڪل ٻڻيل

  • صالح پٽ ڀرسان جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي

  • دادو ۾ عورت سان 3 جوابدارن جي اجتماعي لڄالٽ

  • لاڙڪاڻو: مبينا حملي ۾ مارجي ويلن جي وارث عورت جو احتجاج