| شهيد خامنه اي جي تدفين: لکين ماڻهن جو لڙڪن ۽ سڏڪن سان پُرسو، جنازي دوران حملو ٿيو ته خراب نتيجا نڪرندا: ايراني فوج |
تهران /اسلام آباد (م ڊ) ايران جي شهيد روحاني اڳواڻ آيت الله خامنه اي جي تدفين جومرحلو شروع ٿي ويو. 20 ملين کان وڌيڪ ماڻهن جي تهران پهچڻ جو امڪان آهي. تهران کان علاوه قم ۽ مشهد شهرن ۾ به جنازه جي نماز ادا ڪئي ويندي. تفصيل موجب ايران جي شهيد سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي آخرت جي سفر جي حوالي سان ماحول سوڳوار آهي، جتي سندس آخري رسمن ۽ جنازي جي نماز جي موقعي تي تهران ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي انساني اجتماع جي تياري ڪئي وئي آهي. ايران جي سرڪاري ميڊيا رپورٽ ڪئي آهي ته شهيد سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي جنازي نماز جي ڏينهن تي 20 ملين کان وڌيڪ ماڻهن جي راڄڌاني تهران پهچڻ جو امڪان آهي. جنهن کي نظر ۾ رکندي وڏي پيماني تي انتظام ڪيا ويا آهن. شهيد سپريم ليڊر جي جسد کي تهران ۾ امام خميني مرڪزي امام بارگاهه منتقل ڪيو ويو آهي جتي خاندان جا ماڻهو، ويجها دوست، اعليٰ ايراني عملدار ۽ شهيدن جا خاندان آخري زيارت ڪري رهيا آهن. پهرين الوداعي اجتماع ۾ اهڙا دردناڪ منظر ڏٺا ويا جتي هر اک ڳوڙهن سان ڀرجي وئي. ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد ايران جي اڳوڻي رهبرِ اعليٰ شهيد آيت الله علي خامنه اي جي جنازي ۾ شرڪت ڪئي. آيت الله علي خامنه اي 28 فيبروري تي ايران تي ٿيل حملن دوران شهيد ويو هو. وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب پاڪستان جي اعليٰ سطحي وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، سڌ سماءُ واري وزير عطاءُ الله تارڙ، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا اعليٰ حڪومتي عهديدار شامل آهن. ان موقعي تي وزيراعظم اڳوڻي ايراني سپريم ليڊر کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هن ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين غير معمولي بصيرت، حڪمت ۽ دور انديشي سان ايراني قوم جي رهنمائي ڪئي. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي قيادت ۾ پارلياماني وفد، پارليامينٽ جا ميمبر ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ وزيراعظم سان گڏ جنازي ۾ شريڪ ٿيو، جنازي نماز ۾ شرڪت کانپوءِ وزيراعظم ترڪي جي سرڪاري دوري لاءِ استنبول روانو ٿي ويو.
تهران (م ڊ) شهيد علي خامنه اي جي جنازي نماز جي مشهد ۾ ٿيندڙ مک تقريب تي اسرائيل يا دشمن جي حملي جو خطرو آهي ان حوالي سان ايران جي خاتم انبياء برگيڊ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن شهيد سپريم ليڊر جي جنازي دوران ڪو حملو ٿيو ته ان جا نتيجا سخت نڪرندا. ايراني ميڊيا موجب ايراني فوج جي هيڊ ڪوارٽر خاتم انبياء برگيڊ، دشمنن کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا يا اسرائيل شهيد سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي جنازي يا جنازي جي نماز دوران ڪا به فوجي ڪارروائي ڪئي ته ان جا تمام سنگين نتيجا نڪرندا. خاتم انبياء برگيڊ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته دشمنن کي ڪنهن به ممڪن ڪارروائي ڪرڻ کان اڳ نتيجن تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ايران پنهنجي قومي سلامتي ۽ مقدس شخصيتن جي بي حرمتي برداشت نه ڪندو ۽ ان جو سخت ترين جواب ڏنو ويندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آيت الله علي خامنه اي جو جنازو هڪ تمام حساس موقعو آهي ۽ ايران جي هٿياربند فوج ملڪ جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. ايران آيت الله خامنه اي جي ‘خون’ جو بدلو وٺڻ جو عزم ڪيو آهي آيت الله علي خامنه اي کي 9 جولاءِ تي مشهد ۾ امام رضا جي مزار جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويندو.