شهيد دلاور ٽيم، المخدوم ڪلب کي هارائي والي بال ٽورنامينٽ کٽي ورتي

شهيد دلاور ٽيم، المخدوم ڪلب کي هارائي والي بال ٽورنامينٽ کٽي ورتي

مورو (ن پ ا) مورو ڀرسان ڳوٺ ڦل خان ٻگهيو ۾ شهيد آغا دلاور خان منگي جي ياد ۾ لٽل والي بال ٽورنامينٽ منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ ضلعي نوشهروفيروز ۽ ضلعي دادو جي 8 ٽيمن حصو ورتو جن ۾ مينهون خان ٻگهيو، عرض محمد لغاري، خيرو ديرو، المخدوم گچيرو پراڻو، احمداڻي لغاري، ارگو ٻگهيو ۽ ٻين فائنل کٽيندڙ ٽيم شهيد آغا دلاور خان منگي المخدوم ڪلب گچيرو کي شخصيت ڏئي سوڀ پنهنجي نالي ڪري ڇڏي کٽيندڙ ٽيم کي 10,000 هزار رپين جي انعام سان نوازي حوصلا افزائي ڪئي جن ۾ بابو ٻگهيو، ڪامران ٻگهيو ،سليمان ملاح، آفاق ماڇي، نديم سهتو، قدير ماڇي ، ۽ ٻين فائنل کٽي رانديگرن جو مان مٿانهون ڪري ڇڏيو. رانديون صحت لاءِ تمام گھڻيون فائديمند آهن جن جي کيڏڻ سان رانديگر فٽ رھي ٿو ۽ جسماني تندرستي پڻ برقرار رھي ٿي حڪومت سنڌ کي گھرجي تہ اسان رانديگرن لاءِ خاص گرائونڊ تيار ڪرائي ڏنو وڃي اسان وٽ خاص گرائونڊ نه ھجڻ سبب راند ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون.