اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ شهيد ذوالفقار ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ واري معاملي تي صدارتي ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر مقرر ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 9 رُڪني لارجر بئنچ 12 ڊسمبر تي ٻڌڻي ڪندي
بئنچ ۾ جسٽس طارق مسعود، جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس محمد علي مظهر شامل آهن، جسٽس حسن اظهر رضوي، مسرت هلالي، منصور علي شاهه ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي کي به لارجر بئنچ ۾ شامل ڪيو ويو
پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي کي عدالتي قتل قرار ڏيڻ بابت صدارتي ريفرنس تي تقريبن 11 ورهين کانپوءِ ٻڌڻي ٿيندي
ياد رهي ته 2 اپريل 2011 تي پيپلز پارٽي جي حڪومت اُن وقت جي صدر آصف زرداري ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي بابت ريفرنس داخل ڪرايو هو، اُن وقت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري پنهنجي سربراهي ۾ 11 رڪني لارجر بئنچ جوڙي، جنهن 3 جنوري 2012 کان 12 نومبر 2012 تائين ڪيس جون 6 ٻڌڻيون به ڪيون پر ڪو فيصلو نه ڪري سگهي، هاڻ تقريبن 11 سال جي ڊگهي عرصي کانپوءِ ريفرنس ٻيهر ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو پيو وڃي
ڇا ڀٽو کي موت جي سزا ٻڌائڻ منصفاڻو فيصلو هو؟ ريفرنس ۾ 5 سوال
ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ واري معاملي تي سپريم ڪورٽ کي اماڻيل ريفرنس 5 سوالن تي ٻڌل آهي، پهريون سوال اهو آهي ته ذوالفقار ڀٽو جي قتل جو ٽرائل آئين ۾ ڏنل بنيادي انساني حقن مطابق هو؟ ٻيو سوال اهو آهي ته ڇا ذوالفقار ڀٽو کي ڦاهي جي سزا ڏيڻ جو سپريم ڪورٽ جو فيصلو عدالتي نظير طور سپريم ڪورٽ ۽ سمورين هاءِ ڪورٽس تي آرٽيڪل 189 تحت لاڳو ٿيندو؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ ان فيصلي جا نتيجا ڪهڙا هوندا؟ ٽيون سوال اهو ڪيو ويو آهي ته ڇا ذوالفقار علي ڀٽو کي موت جي سزا ٻڌائڻ منصفاڻو فيصلو هو؟ ڇا فيصلو جانبدراڻو نه هو؟ چوٿون سوال اهو ڪيو ويو آهي ته ڇا ذوالفقار ڀٽو کي ٻڌايل موت جي سزا قرآن جي حڪمن جي روشني ۾ درست آهي؟ صدارتي ريفرنس ۾ پنجون سوال اهو ڪيو ويو آهي ته ڇا ذوالفقار ڀٽو خلاف ڏنل ثبوت ۽ شاهدن جا بيان کيس سزا ٻڌائڻ لاءِ ڪافي هئا؟
ڀٽو کي سزا ٻڌائيندڙ بينچ تي جنرل ضياءَ جو دٻاءُ هو: جسٽس نسيم جو اعتراف
شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ڦاهي کي عدالتي قرار ڏيڻ واري ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس نسيم حسن شاهه جي بيان کي بنياد بڻايو ويو آهي، ان بيان ۾ اڳوڻي چيف جسٽس نسيم شاهه اعتراف ڪيو هو ته ذوالفقار ڀٽو خلاف قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ ۾ اڳوڻي فوجي صدر جنرل ضياءَالحق جي حڪومت پاران دٻاءُ هو، ريفرنس ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ذوالفقار ڀٽو جي خلاف قتل ڪيس جي ٻڌڻي سيشن ڪورٽ ۾ ٿيڻ بدران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪئي وئي جيڪا آئين جي ڀڃڪڙي هئي
شهيد ڀٽو خلاف قتل ڪيس ٻڌندڙ ججن جو رويو تعصباڻو هو: بابر اعوان
ريفرنس ۾ وڪيل بابر اعوان جو موقف هو ته قتل ۾ مدد تي ڪنهن به شخص کي موت جي سزا نٿي ڏئي سگهجي ۽هي هڪ اهڙو فيصلو آهي جنهن جو ريفرنس ڪنهن به عدالتي فيصلي ۾ ناهي ڏنو ويندو، اڳوڻي وزيراعظم خلاف قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ ججن جو رويو تعصباڻو هو
شهيد ڀٽو ريفرنس ۾ بابر اعوان جي جاءِ تي اعتزاز احسن کي وڪيل مقرر ڪيو ويو هو
جنوري 2012ع ۾ سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ بابر اعوان جو لائسنس عارضي طور معطل ڪيو هو جنهن بعد بابر اعوان جي جاءِ تي بيرسٽر اعتزاز احسن کي وڪيل مقرر ڪيو ويو هو.
8چيف جسٽس رٽائرڊ ٿي ويا پر ڀٽو ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪيو
ذوالفقار ڀٽو جي ڦاهي واري معاملي تي ريفرنس تي پهريون پنج ٻڌڻيون اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري ڪيون، آخري ٻڌڻي جا 8 چيف جسٽس پنهنجي ملازمت جو مدو پورو ڪري چڪا آهن ڪنهن به صدارتي ريفرنس کي ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪيو