شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 47هين ورسي ملهائي وئي، ڀيٽا پيش 

 شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 47هين ورسي ملهائي وئي، ڀيٽا پيش 

سکر/قمبر/خيرپور/نئون ديرو (نمائندن وٽان) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 47 هين ورسي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ملهائي وئي. ورسي جي مک جلسي واري تقريب پ پ ضلعي لاڙڪاڻي پاران شهيدن جي مزار جي مٿئين حصي ۾ سادگي سان ملهائي وئي. ورسي تقريب ۾ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، صوبائي وزير سيد ناصر شاھ، ايم اين اي خورشيد جوڻيجو، نظير ٻگهيو، سهيل انور سيال، جميل سومرو، سردار چانڊيو، مهرين ڀٽو سميت پارٽي جي عهديدار، چونڊيل نمائندن ۽ پارٽي جي جيالن ورڪرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ورسي تقريب ۾ قرآن خواني ڪئي وئي جنهن بعد اجتماعي دعا گهري قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.ٻي طرف  پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، پنهنجي والده شهيد بينظير ڀٽو، مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل نڇاور ڪري فستح خواني ڪري دعا گهري.  هوڏانهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 47هين يوم شهادت جي موقعي تي سکر ۾ دعائي تقريب منعقد ڪئي وئي. دعائي تقريب ۾ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس شاهه، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، ايم پي اي سيد فرخ شاهه، ميئر سکر ميونسپل ڪارپوريشن ارسلان اسلام شيخ، ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين ڪميل حيدر شاهه ۽ پارٽي اڳواڻن، ڪارڪنن وڏي اگهن ۾ شرڪت ڪري شهيد ذوالفقار ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪيو. ٻي طرف  قمبر ۾ پ پ ضلعي  طرفان پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 47 هين ورسي جي سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال ۾ قرآن خواني ڪرائي وئي، پ پ ضلعي صدر قمرالدين گوپانگ،غلام محمد اسراڻ،رحمت الله ڊومڪي،ڊاڪٽر نياز چانڊيو،جاويد چانڊيو،مجيب ڀٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته خيرپور ۾ جيلاني هائوس تي   ورسي تقريب ڊاڪٽر نفيسه شاهه، مظھر حسين منڱھار، منير حسين منگي، عتيق رحمان ڦلپوٽو، زاھد حسين ڳنڀير، سليمان ڪٽوھر، سردار زاھد خان ڦلپوٽو، نظير حسين ڦلپوٽو ۽ سيده حنا شاهه سميت پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ۽ سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي. مقررن پنهنجي خطاب ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي زندگي، سياسي جدوجهد ۽ جمهوريت لاءِ ڏنل عظيم قربانين تي روشني وڌي ۽ کين ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي. هنن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي سياست ۾ هڪ اهم ۽ تاريخي حيثيت جا حامل اڳواڻ هئا، جن ملڪ کي 1973ع جو آئين ڏنو، ايٽمي پروگرام جي بنياد وڌي ۽ عوام ۾ شعور ۽ حقن لاءِ آواز اٿارڻ جو حوصلو پيدا ڪيو. تقريب جي آخر ۾ شهيد ڀٽو جي ايصال ثواب لاءِ خاص دعائون گهريون ويون، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو شهيد ڀٽو جي مشن کي جاري رکندي ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ جدوجهد جاري رکندا.