شهيد ذوالفقار ڀٽو جي پهرين گھرواري پيپلزپارٽي کان وسري وئي

شهيد ذوالفقار ڀٽو جي پهرين گھرواري پيپلزپارٽي کان وسري وئي

نئون ديرو(ن پ ا) پاڪستان جي چونڊيل اڳوڻي وزير اعظم پيپلزپارٽي جي باني قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پهرين گهر واري بيگم امير شيرين ڀٽو جي 23 هين ورسي پاڪستان پيپلز پارٽي کان وسري وئي. پ پ سٽي نئون ديرو ۽ ضلعي لاڙڪاڻي جي عهديدارن سميت نئون ديرو هائوس توڙي ڳڙھي خدابخش ڀٽو ۾ نه ته قرآن خواني ڪرائي وئي ۽ نه ئي ڪا ورسي تقريب رٿي وئي. هوڏانهن شيرين امير بيگم ڀٽو جي هنج ورتل پٽ نديم ڀٽو پاران پنهنجي رهائشگاھ تي شيرين امير بيگم ڀٽو جي 23 هين ورسي عقيدت، احترام ۽ سان سادگيءَ سان ملهائي. ورسي جي موقعي تي قرآن خواني ڪري لنگر تقسيم ڪيو ويو. آخر ۾ بيگم امير شيري ڀٽو جي روح کي ثواب پهچائڻ خاطر اجتماعي دعا گهري کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.