شهيد ذوالفقار ڀٽو جي 98هين سالگرهه: ڳڙهي خدابخش ۾ قرآن خواني ٿيندي

شهيد ذوالفقار ڀٽو جي 98هين سالگرهه: ڳڙهي خدابخش ۾ قرآن خواني ٿيندي

نئون ديرو (ن پ ا) پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني ۽ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98 هين سالگرهه پيپلزپارٽي پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي طرفان اڄ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ عقيدت، احترام ۽ سادگي سان ملهائي ويندي. سالگرهه جي موقعي تي مزار سامهون سامهون قرآن خواني ڪري مزار تي گلن جون چادرون چاڙهي اجتماعي دعا گهري ويندي. هوڏانهن پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خصوصي هدايتن تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي پيپلز ڊاڪٽر فورم ۽ زيبسٽ فائونڊيشن طرفان ڳڙهي خدا بخش ڀٽو اسپتال ۾ ٽن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪئمپ قائم ڪئي وئي،نئون ديرو سميت ڀرپاسي جي علائقن مان ڪئمپ تي ايندڙ مريضن کي تپاسي مفت دوائون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ اکين جا بغير ٽاڪي وارا آپريشن ڪري لينس لڳايا ويا.