شهيد ذوالفقار ڀٽو لاءِ نشانِ پاڪستان اعزاز: ففٿ جنريشن وار وڏو چيلنج آهي، خارجي ۽ دهشتگرد تنظيمن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائينداسين: صدر

مارچ 24, 2025

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ففٿ جنريشن وار فيئر هڪ اهم چئلينج آهي، وطن جي تحفظ لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، يوم پاڪستان جي تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته فتنو پکيڙيندڙ خارجي دهشتگرد تنظيمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائينداسين، دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ قوم هٿياربند فوج سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي، صدر چيو ته اسان پرڏيهي ۽ اندروني دهشتگردي جو منهن ٽوڙ مقابلو ڪيو، نوجوان نسل ۾ نفرت ۽ مايوسي پکيڙيندڙ عنصرن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته ڀارت هميشه پاڪستان کي ميري اک سان ڏٺو آهي، اڄوڪي ڏينهن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي ناهي وساريو، انشاءُ الله ڪشمير هڪ ڏينهن ضرور آزاد ٿيندو. صدر چيو ته پاڪستان جو مقصد هڪ مضبوط، جديد اسلامي فلاحي رياست آهي، اسان گهڻيون قربانيون ڏئي آزادي حاصل ڪئي آهي، آزاديءَ جي هن نعمت جي حفاظت وڏو فرض آهي، اسان وقت جي هر آزمائش ۾ قائداعظم جي قول ”اتحاد، ايمان، تنظيم“ تي پورا لٿا آهيون. هن چيو ته قوم جي توانائي ۽ صلاحيتن تي اعتماد آهي، اسان ڪڏهن به مشڪلاتن کان نه ڊڄندا آهيون. پاڪستان ڪيترن ئي جاگرافيائي ۽ سياسي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، معيشت ۽ زراعت کي مستحڪم ڪيو ويندو، توانائي جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويندو.  پنهنجي نوجوان نسل لاءِ روزگار پيدا ڪنداسين. نوجوان اسان جي ملڪ جو سرمايو آهن. نوجوانن کي تعليم، تحقيق ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جون سهولتون فراهم ڪرڻيون آهن. صدر چيو ته صوبائي حڪومتن کي بنيادي صحت ۽ سماجي ڀلائي تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. اسان جي پرڏيهي پاليسي امن ۽ استحڪام تي ٻڌل آهي. پاڙيسري ملڪ عالمي برادري سان مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. گڏيل احترام ۽ گڏيل خوشحالي جي بنياد تي رشتا قائم ڪرڻ چاهيون ٿا. صدر چيو ته ياد رکو پاڪستان جي اصل طاقت ان جو عوام  آهي. پاڪستاني عوام جي ثابت قدمي، محنت ۽ حب الوطني هميشه ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍيو، مان سڀني کي اپيل ڪريان ٿو ته ملڪ جي ترقي لاءِ پنهنجون سموريون توانائيون وقف ڪن، اختلافن کان بالاتر ٿي خوشحال ۽ پرامن پاڪستان لاءِ ڪم ڪريو. مايوسي ۽ منفي سوچ کي ختم ڪري  اتحاد، سچائي ۽ اميد کي اختيار ڪيو وڃي. هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهڻو آهي جيڪو مضبوط، ترقي يافته ۽ انصاف تي ٻڌل هجي. جڏهن ته يوم پاڪستان جي موقعي تي ايوان صدر ۾ مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتن جي مڃتا ۾ اعليٰ ترين سول اعزازن ڏيڻ جي تقريب ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي صدر آصف زرداري زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندڙ شخصيتن کي قومي اعزازن سان نوازيو. صدر اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو کي سندس شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ اعليٰ ترين سول ايوارڊ نشان پاڪستان سان نوازيو. ذوالفقار علي ڀٽو جو اعلي ترين سول اعزاز ان جي نياڻي صنم ڀٽو وصول ڪيو. اسلام آباد: ايوان صدر ۾ يوم پاڪستان جي خاص تقريب ٿي، آرمي، نيوي ۽ هوائي فوج جي دستن جو مارچ پاسٽ ٿيو، پاڪ هوائي فوج جي شاهينن جو ويڙهاڪ جهازن ۾ شاندار فلائي پاسٽ ڪيو، تقريب جو خاص مهمان صدر آصف علي زرداري هو، وزيراعظم شهباز شريف، دفاع وارو وزير خواجه آصف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي ۽ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن کي به پريڊ وينيو ۾ اچڻ تي سلامي پيش ڪئي وئي، شيردل فارميشن جو شاندار فلائي پاسٽ جو مظاهرو ڪيو، تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين، اسپيڪر قومي اسيمبلي، وفاقي وزيرن ۽ پرڏيهي سفيرن سميت اعليٰ سول ۽ فوجي اختياريون شريڪ ٿيون، هٿياربند فوج جو دستو مارچ پاسٽ ڪندي سلامي  جي چبوتري کان گذريو، پاڪ فوج جي بينڊ قومي نغما ٻڌايا.

 

Leave A Comment