| شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسو: مشاعرو: ڀيٽا پيش |
نئون ديرو: اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل عورت وزيراعظم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان ڳڙهي خدابخش ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ورسي جي موقعي تي مزار سامھون وڏو اسٽيج ۽ جلسي گاھ تيار ڪري قائدين جي قدآور تصويرن ۽ پارٽي جهنڊن سان سينگاريو ويو هو. جڏھن ته پوري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پارٽي ڪارڪنن، جيالن ۽ عام ماڻهن جو وڏو انگ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي ويا. جن ۾ عورتون، مرد، ٻڍا توڙي ٻارڙا شامل هئا. جڏهن ته ٻاهران ايندڙ ڪارڪنن جي ترسڻ لاءِ ضلعي وائيز ڪمئمپون تيار ڪيون ويون هيون. ورسي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پارٽي ڪارڪن ۽ جيالا قافلن جي صورت ۾ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو پھچي پنهنجي شهيد قائدين جي مزارن تي حاضري ڀري، ورسي تقريب جي شروعات تلاوت سان ڪئي وئي جنهن بعد حمد و نعت خواني ٿي جڏهن ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو 18 هين ورسي جي موقعي تي پيپلز ڪلچرل ونگ طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي سندس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مشاعرو ڪوٺايو ويو جنهن ملڪ جي ناليوارن شاعرن، اديب ۽ دانشور پنهنجي شاعريءَ ذريعي شهيد بيبي کي ڀيٽا پيش ڪئي. ورسي جي مک جلسي کي ملڪي صدر آصف علي زرداري، پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ايم اين اي خورشيد جوڻيجو، نثار کهڙو. نيئير بخاري، پرويز اشرف راجا سميت مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻن خطاب ڪيو. جڏهن ته مزار جي کاٻي پاسي طبي ڪئمپ پڻ قائم ڪري 70 ماهر ڊاڪٽر ۽ 200 پيراميڊيڪل جي ٽيم کي مقرر ڪيو ويو هو. جڏهن ته جلسي گاهه اندر توڙي ٻاهر 1122 جي ريسڪيو ٽيمن کي پڻ مقرر ڪيو ويو هو. هوڏانهن پيپلز پارٽي جي اڳواڻن طرفان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار طرف ايندڙ ويندڙ رستن تي سنڌ، بلوچستان، پنجاب، ڪي پي ڪي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاءِ استقباليه ڪئمپون قائم ڪيون ويون جتي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان ايندڙ قافلن جو استقبال ڪيو ويو. ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۽ نئون ديرو هائوس ٻاهران توڙي اندر سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪندي سيڪيورٽيءَ لاءِ 10 هزار پوليس آفيسر ۽ اهڪارن جن ۾ 34 ايس ايس پيز، 3 اي ايس پيز، 82 ڊي ايس پيز، 160 انسپيڪٽر، 370 سب انسپيڪٽر، 680 اي ايس آئيز، 850 هيدڪانسٽيبل، 5421 پوليس اهلڪار، 500 ايس ايس يو، 200 ايس ايس يو، 700 ٽريفڪ ۽ ليديز اهلڪارن سميت ڪمانڊوز پنهنجون فرائض سرانجام ڏيندا رهيا. جڏهن ته ورسي جي سيڪيورٽي لاءِ هڪ هزار کان وڏيڪ پارٽي جا جانثار پڻ سيڪيورٽي جا فرض نڀائيندا رهيا. جڏهن ته سنڌ پوليس طرفان جلسي گاهه توڙي مزار اندر 200 کان وڌيڪ سي سي ٽي ڪئميرائون لڳيون ويون هيون سمورن سيڪيورٽي انتظامن جي نگرانيءَ لاءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پوليس طرفان خاص ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو هو جنهن جي ذريعي مزار جي سيڪيورٽيءَ ۽ جلسي گاهه ۾ موجود ماڻهن جي چرپر تي نظر رکي وئي. شهيد بيبي جي ورسي جي موقعي تيجلسي گاهه ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مردن لاءِ 6، 7 ۽ 8 نمبر گيٽ مختص ڪيون ويون هيون جڏهن ته عورتن لاءِ گيٽ نمبي 10 مختص ڪري ورسي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ جيالن ۽ جيالين ڪارڪنن کان جهڙتي وٺڻ بعد جلسي گاهه اندر ڇڏيو پئي ويو. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ 90 کان وڌيڪ واڪ ٿرو گيٽس لڳايون ويون جتان ورسي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ جيالن، ورڪرن ۽ عام ماڻهن کان جهڙتي وٺڻ بعد جلسي گاهه اندر ڇڏيو پئي ويو. جڏهن ته مزار اندر داخل ٿيڻ لاءِ الڳ واڪ ٿرو گيٽس لڳايون ويون هيون جتان ٻيهر جهڙتي وٺڻ بعد ڪارڪنن کي مزار اندر داخل ڪيو پئي ويو.