شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي 73هين سالگرهه سادگي سان ملهائي وئي: قرآن خواني

شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي 73هين سالگرهه سادگي سان ملهائي وئي: قرآن خواني

نئون ديرو (ن پ ا) پاڪستان جي پهرين چونديل عورت وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳوڻي چيئرپرسن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 73هين سالگرهه جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پ پ ضلعي لاڙڪاڻي پاران محرم الحرام سبب سادگي سان ملهائي وئي، شهيد بيبي جي 73 هين سالگرهه جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن سامهون تي قرآن خواني ڪئي وئي. قرآن خواني ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين اعجاز احمد لغاري، عبدالفتاح ڀٽو، منصور سومرو، عبدالخالق ڀٽو، سيد ارشد راشدي، محمد انور ٻرڙو، سرفراز ميراڻي، توفيق ڀٽو،حليم ناريجو، عبدالرحيم ڏاهاڻي،منير سوهو، فدا ڦلپوٽو سميت ليڊيز ونگ جي نصيبان چنه، پرھ سڪينا گاد، بشيران موهل، امينه ناريجو سميت وڏي انگ ۾ پارٽي ورڪرن شرڪت ڪئي. قرآن خواني ڪرڻ بعد شهيدن جي مزارن تي گل نڇاور ڪري ملڪ جي سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سميت سمورن شهيدن جي بلند درجات لاءِ خصوصي دعا گهري. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ رجسٽرڊ ٿيل 1500 ٿيلسيميا جي مريضن لاءِ رت گڏ ڪرڻ خاطر بلڊ ڊونيشن ڪئمپ پڻ قائم ڪئي آهي، جتي پارٽي جا جيالا ورڪر رضاڪار طور پنهنجي رت جو نظرانو پيش ڪري شهيد قائدين کي خراج عقيدت پيش ڪري مريضن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.