شهيد راڻي جا قاتل سڃاڻپ ڪري جهنم ڀيڙو ڪيا ويا: مراد علي شاهه

شهيد راڻي جا قاتل سڃاڻپ ڪري جهنم ڀيڙو ڪيا ويا: مراد علي شاهه

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جون تياريون ڀرپور نموني سان جاري آهن ۽ هن عظيم موقعي تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين جيالا ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي رهيا آهن۔ هن ٻڌايو ته ورسي ۾ وڏو وزير بلوچستان، گورنر خيبر پختونخوا، گورنر پنجاب ۽ وزيراعظم آزاد ڪشمير پڻ شرڪت ڪندا، پوري دنيا مان لکين ماڻهو ورسي ۾ شرڪت ڪندا. سٺي ڳالهه آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو وفد اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق، رانا ثناءُ الله جي اڳواڻي ۾ وفد اظهارِ يڪجهتي لاءِ اچي رهيو آهي. وزيراعلي سنڌ چيو ته لاڙڪاڻي ۾ هڪ وڏي اسپتال جي سخت ضرورت هئي، جنهن کي نظر ۾ رکندي صحت جي شعبي ۾ اهم قدم کنيا ويا آهن۔ هن چيو ته سکر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ڪيترائي ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ منصوبن جي به ضرورت آهي، جن تي ايندڙ وقت ۾ ڪم ڪيو ويندو۔ سکر بئراج جي بندش بابت وضاحت ڪندي هن چيو ته بئراج مرمت سبب بند آهي ته جيئن مستقبل ۾ آبپاشي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي۔ سياسي صورتحال تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جي جيل مان منتقلي بابت کيس ڪا به ڄاڻ ناهي۔ هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا سڌي ڳالهه ناهن ڪندا ۽ کين حقيقت پسندي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته عوام ووٽ صرف احتجاج لاءِ نه، پر پنهنجا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ ڏنا آهن۔ وزيراعلي سنڌ پرڏيهه ويٺل ملڪ کي بدنام ڪندڙ ماڻهن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته کوکليون ڌمڪيون ڪنهن به نتيجي تي نٿيون پهچائين۔ هن ٻڌايو ته پرڏيهه مان ايندڙ ڌمڪين تي حڪومت ڪارروائي ڪئي آهي ۽ برطانوي حڪومت جي قائم مقام هاءِ ڪمشنر کي باضابطه ڊيمارش پڻ ڪيو ويو آهي۔ هن چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ حڪومت نمايان قدم کنيا آهن ۽ هاڻي تائين ڏهه لک کان وڌيڪ گهر تعمير ٿي چڪا آهن، جڏهن ته وڌيڪ گهرن جي تعمير پڻ جاري آهي۔ سستي بجلي جي فراهمي لاءِ سولر هومز ورهايا پيا وڃن، پهرئين مرحلي ۾ 16 لک هوم سولرز ورهايا ويا آهن، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ ٻه لک پنجاهه هزار گهرن کي مفت بجلي فراهم ڪئي ويندي. ٿرپارڪر ۾ 100 يونٽن کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙن جو بل حڪومت سنڌ ادا ڪري ٿي. وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا قاتل پنهنجي انجام کي پهچي چڪا آهن ۽ صدر آصف علي زرداري سميت پوري پارٽي قاتلن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جمهوريت، عوامي جدوجهد ۽ قربانين جي ياد جو ڏينهن آهي، جنهن لاءِ سڀئي انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن.