شهيد سورهيه بادشاھه سنڌ جو هيرو: حرن انگريز تڙڻ لاءِ 100 سال ويڙهاند ڪئي: سانگهڙ تقريب 

  شهيد سورهيه بادشاھه سنڌ جو هيرو: حرن انگريز تڙڻ لاءِ 100 سال ويڙهاند ڪئي: سانگهڙ تقريب 

 سانگھڙ (رپورٽر) وطن يا ڪفن، آزادي يا موت جو نعرو هڻي انگريز راڄ سان ويڙهاند ڪندڙ پير صبغت الله شاھه شهيد المعروف سورهيه بادشاھه کي شاندار ڀيٽا پيش، سورهيه بادشاهه جي 83 هين يوم شهادت جي سلسلي ۾ پريس ڪلب ۾ ٿيل تقريب کي خليفي محمد قاسم مهر، خليفي ڊاڪٽر محمد هاشم خاصخيلي، خليفي محمد سالڪ سنجراڻي ،حر تحريڪ جي محقق جاويد اقبال لاڙڪ، سردار شاھ لڪياري، غلام مصطفي ڀنڀرو، ۽ محمد يوسف جويو خطاب ڪندي چيو ته انگريزن خلاف مزاحمت پهرين پاڳارا کان شروع ٿي، شهيد سورهيه بادشاھ جي شهادت تائين 100سال اها ويڙهه هلي هنن چيو ته سورهيه بادشاھ انگريز سامراج سان مهاڏو اٽڪائي حضرت امام حسين عه جي عظيم روايت کي زندھ ڪيو ۽ ثابت ڪيو ته سنڌ جو ضمير ڪنهن به  ظالم آڏو ڪنڌ جهڪائڻ کان ڪنڌ ڪٽرائڻ کي انسانيت جو معراج سمجهي ٿو، هنن چيو ته سنڌ جي سادن  سودن  اڻپڙهيل سنڌي جوڌن ۽ فقيرياڻين انگريز لشڪر کي تاريخي شڪست ڏئي برصغير خالي ڪرڻ تي مجبور ڪيو، افسوس جي ڳالهه آهي ته ملڪ جي قيام بعد به آزاديءَ جو متوالن کي پنج سال قيدن ۾ رکي پوءِ لوڙها کنيا ويا، تقريب کي وقار جٽ، شاهنواز نظاماڻي ،راجا ساند، استاد نظاماڻي، شير خان چانگ ،ماستر شير محمد ملڪ، حاجي يامين قريشي مولوي الهورايو سڪندري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن مان واحد حر جماعت هئي، جنهن انگريزن کي تڙي ڪڍڻ لاءِ 100 سال ويڙهاند ڪئي،  هزارين جانين سان گڏ وڏيون مالي قربانيون به ڏنيون ، هنن چيو ته شهيد سورهيه بادشاھ ۽ حرن جي قرباني آزاديءَ جي جنگ ۾ ھميشه ياد رهندي، تقريب ۾ ٺهراءُ بحال ڪري 20 مارچ تي سڄي سنڌ ۾ عام موڪل ڪرڻ، سانگھڙ ۾ سورهيه بادشاھ جي نالي سان يونيورسٽي قائم ڪرڻ،  ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جو نالو بدلائي سورهيه بادشاھ يونيورسٽي رکڻ جي گهر ڪئي وئي