شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن پاران ڊي آءِ جي سکر جو گهيراءُ
جُون 24, 2025
ميرپورماٿيلو(پنهنجي ڊيسڪ) شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي ڊي آءِ جي سکر جي رستا روڪ ۽گهيراءُ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
ميرپورماٿيلو ٿاڻي جي نئين بلڊنگ جي افتتاحي تقريب دوران شهيد صحافي نصرالله جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي ۽ شهيد جي معصوم پٽن سميت ٿاڻي جي گيٽ اڳيان احتجاج ڪيو
يعقوب گڏاڻي دانهيندي چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل کي 14 مهينا گذري ويا قاتل گرفتار نه ڪيا ويا آهن انصاف ڪيو وڃي،
شهيد نصرالله گڏاڻي جا وارث گاڏي اڳيان بيهجي ويا ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ گاڏي مان نه لٿو،
ايس ايس پي گهوٽڪي سميع الله سومرو هڪ منٽ گاڏي مان لهي شھيد جي ڀاءُ کي آفيس اچڻ جو فرمان جاري ڪري هليو ويو.